دادو ديال

دادو ديال

دادو ديال

دادو ديال: دادو ديال اوائلي ويدانتي، شاعريءَ جو اهم شاعر ۽ برهمچاري ٿي گذريو آهي. کيس سنڌي ۽ هندي ادب جي اوائلي ادبي تاريخ ۾ جوڳي اهميت حاصل آهي. دادو ديال 1544ع ڌاري سنڌ سان لڳولڳ اولهه راجسٿان ۾ ڄائو. سندس باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکن ٿا ته: ”دادو ديال هڪ پيڃاري جي گهر ۾ ڄائو ۽ احمدآباد ۾ پلجي وڏو ٿيو، سندس اصل نالو دائود يار هو ۽ سانڀر جي درويش شيخ ٻڍڻ صوفيءَ جي دُعا سان پاڻ به هڪ صاف دل صوفي ٿي پيو. سندس ڪيترا پوئلڳ پيدا ٿيا، جن ۾ هندو ۽ مسلمان شامل هئا. هندو فقير ۽ سنت دادو ديال کي پنهنجي ويساهه مطابق هندو سمجهڻ لڳا. سندس دائري ۾ آيل مسلمان، خاص ڪري بنگال جا مسلمان کيس مسلمان مڃيندا هئا. دادو ديال جي مريدن ۾ رجب پٺاڻ هڪ وڏو درويش ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. باغ علي ’شوق‘ جي ڪتاب ’راجسٿاني زبان و ادب‘ مان دادو ديال ۽ رجب پٺاڻ بابت وڌيڪ معلومات ملي ٿي. باغ علي شوق لکي ٿو ته، ”دادو ديال بابت ڄاڻايل آهي ته ڪبير پنٿ جي مقبوليت سبب جيڪي تحريڪون ۽ پنٿ وجود ۾ آيا. دادو پنٿ انهن ۾ نشانبر آهي، ان جو باني دادو ديال آهي. ان پنٿ ۾ چئن قسمن جا ساڌو شامل آهن، جيڪي کاڪي (خاڪي)، ورڪت، ٿانڀاڌاري ۽ ناگا سڏبا آهن. هنن سڀني جي رهڻي ڪهڻي ۽ عبادت جو طريقو ڌار ڌار آهي، پر دادو پنٿين ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته اُهي مُورتي پوڄا نه ڪندا آهن ۽ وحدانيت تي يقين رکندا آهن ۽ اڪثر شادي به نه ڪندا آهن.
دادو ديال جي پيدائش ۽ ذات جي باري ۾ محققن ۾ اختلاف موجود آهن، ڪي کيس برهمڻ ڄاڻائين ٿا، ڪي پيڃارو ته ڪي موچي چون ٿا. دادوءَ جي پيدائش 1544ع بابت اڪثر محققن جو اتفاق آهي. دادو ديال بابت چيو وڃي ٿو ته احمدآباد جي لوڌي رام نالي هڪ برهمڻ کي هو سانڀر نديءَ مان هڪ صندوق ۾ لڙهندي مليو هو. لوڌي رام سندس پرورش ڪئي.
دادو ديال جي گروءَ جي نالي تي به پردو پيل آهي. دادو جنم ليلا ۾ لکيل آهي ته خود ڀڳوان کيس بشارت ڏني، ان کانپوءِ هُو ڀڳت ٿي ويو. اوڻيهن سالن جي عمر ۾ هي امير ۽ ڪلياڻ پور کان ٿيندو نيران ۾ آيو ۽ ڌرم جي پرچار ڪرڻ لڳو. دادوءَ شادي ڪئي ۽ کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون. وڏي پٽ جو نالو گريبداس (غريب داس) رکيائين. هن 1601ع ۾ لاڏاڻو ڪيو (ڪن محققن ان جو سال 04-1603ع ڄاڻايو آهي). جئپور کانپوءِ ويهه ميل پري نرينا نالي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ٽڪريءَ تي سندس نالي هڪ تيرٿ قائم آهي، جتي وڏي تعداد ۾ ماڻهو هر سال ايندا آهن ۽ ميلو لڳندو آهي.
دادو ديال جي ڪلام لاءِ باغ علي شوق لکي ٿو ته اهو پنگل ۾ آهي، جا راجسٿاني ۽ برج ڀاشا جو امتزاج چئي وڃي ٿي. جڏهن ته ماترڪ ڇند جي سرشتي کي به ’پنگل‘ سڏجي ٿو. سندس ٻاڻين جو تعداد پنج هزار چيو وڃي ٿو.
دادو ديال کي سنڌ ۾، سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان وڏي مڃتا حاصل آهي. سندس هندي دوها شاهه جي رسالي جي سر بيراڳ هنديءَ ۾ موجود آهن. مٿس قاضي قادن جي سنڌي شاعريءَ جو اثر معلوم ٿئي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڄاڻايو آهي ته دادو ديال سنڌ ۾ ڳچ عرصو رهيو هو، کيس سنڌي ٻوليءَ جي چڱي ڄاڻ هئي.
دادو ديال جي شاعريءَ جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق هيري ٺڪر وڏو ڪم ڪيو آهي، هن راڻيلا ڳوٺ (گجرات) جي دادو پنٿين جي هڪ مڙهيءَ مان قاضي قادن جي شاعري هٿ ڪري، 1978ع ۾ ’قاضي قادن جو ڪلام‘ ڇپايو، اُن سان گڏ هيري ٺڪر هٿ آيل اُن گرنٿ مان دادو ديال جا ڪيترا سنڌي بيت ۽ هڪ ٻه وايون به هٿ ڪيون آهن. ان حوالي سان سنڌي وائيءَ جو پهريون شاعر دادو ديال کي سڏي سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي ٽٽل ڪڙين جوڙڻ ۾ دادو ديال وڏو ڪردار رکي ٿو. دادوءَ جا ڪجهه سنڌي دوها هن ريت ملن ٿا:
دادو غافل ڇو وتين، منجهين ربُ نهارَ،
منجهين پرو پاڻ جو، منجهيئي ويچار.
—-
دادو غافل ڇو وتين، آهي منجهه الله،
پري پاڻ جو پاڻ سين، لهي سڀوئي ساء.
—-
دادو جِئن تِل تلن ۾، جِئن ڳُنڌَ ڦُلن،
جيئن مکڻ کير ۾، تيئن رب رهن.
قاضي قادن ۽ ان دور جي ٻين شاعرن وٽ خُدا جي وحدت وارا جيڪي خيال ملن ٿا، سي دادو ديال جي ڪلام ۾ به ملن ٿا. دادو ديال تي قـاضـي قـاضـن جـو وڏو اثـر هـو. هـو قاضـي قاضـن کان پـوءِ جـو شـاعر آهي. قاضي قادن جي وفات وقت دادو ديال ستن سالن جو هو. هن جي شعر تي قاضي قاضن جو اثر پڌرو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو دادو پنٿين جي گرنٿن ۾ ’سنتن جي واڻي‘ عنوان هيٺ جيڪو ڪلام ملي ٿو، ان ۾ قاضـي قادن جو ڪلام سڀ کان وڌيڪ آهي. معلوم ٿئي ٿو ته دادو ديال، قاضي قادن جا بيت خود سانڍيا ۽ پڻ ساڌ سنگت آڏو پڙهيا ۽ جڏهن پنهنجو ۽ ٻين سـالـڪـن سـنتـن جــو ڪـلام لکيـائيـن يـا لکرايائين ته هڪ جدا بابُ قاضي قادن جي نالي سان آندائين. دادو ديال جي خيالن جو اثر متاخرين ۾ شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن تي به نظر اچي ٿو.


لفظ دادو ديالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو